تذڪره جواهرالعجائب

تذڪره جواهرالعجائب

تذڪره جواهرالعجائب

تذڪره جواهرالعجائب: هي فارسي تذڪرو فخري هروي جي جاکوڙ جو ڦل آهي، جيڪو 962هه/1555ع ۾ ٺٽي ننگر ۾ تيار ٿيو ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي زال حاجياڻي ماه بيگم جي نالي منسوب ٿيو، مولف جڏهن هندستان پهتو، تڏهن چند ڏوڪڙن خاطر، تذڪري جو ديباچو تبديل ڪري ان ۾ اڪبر جي دائي ماهم انگله جي نالي هڪ قصيدو شامل ڪري، ان کي هن خاتون جي نالي منسوب ڪري ڇڏيائين. نقادن هن تذڪري جي ناقص هجڻ تي خوب ڇوه پئي ڇنڊيا آهن، ليڪن راشدي صاحب جي راءِ آهي ته: ”جواهر العجائب، تذڪرن ۾ انڪري اهم آهي جو فارسي زبان ۾ هي پهريون تذڪرو آهي، جيڪو شاعرائن لاءِ مخصوص آهي. ان کان اڳ عوفيءَ فقط هڪ شاعره ’رابعه خضداري‘ جو ذڪر ڪيو آهي. دولت شاهه به صرف ٻن شاعرائن جو احوال ڏنو، ليڪن فخري ”جواهر العجائب“ لکي، پهريون ڀيرو دنيا کي ايڪٽيهه شاعرائن سان روشناس ڪرايو ۽ پوين لاءِ هڪ راه تيار ڪئي“ فخري جن شاعرائن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن ۾: دل آرام، بيبي عائشه، بيبي فاطمه الزهرا، بيبي زليخا، مهستي گنجوي، بادشاهه خاتون، جهان خاتون شيرازي، حيات بيبي شيرازي، مهري بيبي هروي، مغول خانم، آفاق بيگه، نهاني ڪرماني، بيچه هروي، عصمتي خواني، بيدل، نهاني شيرازي، دختر قاضي سمرقند، نسائي فخر النساءِ، تربتي، پرتوي تبريزي، شاهه ملڪ سيد، دختر غزالي، آرزوئي سمر قندي، ضعيفي، حيات هروي، آتون، حجابي، عفتي، فاطمه خاتون، بيبي يزدي ۽ نسائي موجود آهن. ماهم انگله واري انتساب، پوئين دور ۾ هن تذڪري متعلق ڪافي الجهن پيدا ڪئي آهي. هن انتساب سبب هندي عالمن هي سمجهيو ته فخري هي تذڪرو سن 963هه/1556ع ۾ انڊيا ۾ ترتيب ڏنو. هند جي تعلق سبب ديوان نولڪشور هن تذڪري جا ٻه ايڊيشن (آگسٽ 1880ع ۽ جون 1903ع) شايع ڪيا. ان کان علاوه شمس الله قادري صاحب پڻ رسالي اردو ذريعي، جوابر العجائب جو ٽيون ايڊيشن (جولاءِ 1928ع) ۾ پڌرو ڪيو. نولڪشور جي ڇاپي ۾ 27 ۽ قادري صاحب واري ايڊيشن ۾26 شاعرائن جو ذڪر ٿيو آهي. ليڪن جيئن مٿي ذڪر ٿيو، هي تذڪرو دراصل سنڌ ۾ سن 962هه/1555ع ۾ ترتيب هيٺ آيو ۽ خاص طرح مرزا عيسيٰ جي زال لاءِ تيار ٿيو. سنڌي نسبت جي ناتي، جناب سيد حسام الدين راشدي جواهر العجائب نئين سر ايڊٽ ڪري سال 1968ع ۾ ڇپايو، جنهن ۾ ڪل ايڪٽيهه شاعرائن جو ذڪر ملي ٿو، ان ڪري چئبو ته هن تذڪري جو سنڌ وارو هي ڇاپو معياري ۽ مڪمل آهي. فاضل ايڊيٽر هن ٻن تذڪرن سان گڏ، فخريءَ جو دستياب شعري ذخيرو، اردو مقدمي سان هڪ جلد ۾ شايع ڪيو آهي. راشدي صاحب جو مقدمو ۽ تعليقات بلاشبه بيحد قيمتي آهن. مقدمي ۾ پير صاحب، سنڌ اندر فخريءَ جو هڪ وڌيڪ تيار ٿيل ڪتاب ”صنايع الحسن“ جا اقتباس ۽ ديباچو پڻ شايع ڪري، هميشه هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو